جاڙيجو جمعو درويش

جاڙيجو جمعو درويش: برگزيده درويش جمعو جاڙيجو، مخدوم نوح جي خليفن مان هو. هو سيد علي متعلوي جي معرفت مخدوم نوح جي خدمت ۾ پهتو. ان کان پهرين جمعو درويش تصوف جا ڪجهه سلوڪ به طئي ڪري چڪو هو. هن کي دنياوي مال ۽ دولت سان ڪا به رغبت نه هئي. جمعي درويش جون ڪرامتون ’دليل الذاڪرين‘ ۾ به موجود آهن. هو يارهين صدي هجريءَ جي عارفن مان هڪ هو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو